شينهن واري ڍنڍ

شينهن واري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ ۾ تاريخي ماڳ رتي ڪوٽ کان 10 ڪلو ميٽر اوڀر طرف واريءَ جي ڀٽن جي وچ ۾ آهي. هيءَ کاري پاڻي جي ڍنڍ آهي، هتان لوڻ جي پيداوار جام ٿئي ٿي. هتي 1950ع ڌاري لوڻ جي پيداوار ۾ اضافو ٿيڻ سبب حڪومت ڍنڍ ٺيڪي تي ڏيڻ شروع ڪئي. ڍنڍ جي پکيڙ 150 ايڪڙن تي مشتمل آهي. ڍنڍ ۾ 15 کان 25 فوٽن تائين اونهو پاڻي آهي. آسپاس ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي لوڻ جون ڍنڍون آهن، پر هن ڍنڍ مان ملندڙ لوڻ گهڻو سفيد هئڻ سبب وڌيڪ اهم آهي. روزاني هزارين مڻ لوڻ نيڪال ڪيو وڃي ٿو، ڍنڍ تي روزاني سوين مزدور ڪم ڪن ٿا. ڍنڍ جي ٻن طرفن کان قدرتي واريءَ جا دڙا آهن ۽ هڪ پاسي برسات جو پاڻي ڍنڍ ۾ روڪڻ لاءِ بند پڻ ٻڌرايو ويو آهي.
روايت آهي ته هن علائقي ۾ اڳي شينهن رهندو هو، جنهن جي نسبت سان ڍنڍ تي ’شينهن واري ڍنڍ’ نالو پيو. هن ڍنڍ مان ملندڙ لوڻ خوراڪ کانسواءِ مختلف دوائن ۾ پڻ استعمال ٿئي ٿو. ڍنڍ مقامي ماڻهن جي روزگار جو خاص ذريعو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو